راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج ملڪ ۾ مجموعي طور پرامن چونڊن جي انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ عمل ۾سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي اهم ڪردار تي فخر آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ذميواريون سرانجام ڏنيون. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج آئين موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته 6 هزار حساس پولنگ اسٽيشنن تي 1 لک 37 هزار جوان جڏهن ته ڪوئڪ رسپانس فورس طور 7 هزار 800 جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عوام لاءِ محفوظ ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۾ 51 دهشتگرد حملن جو مقصد چونڊ عمل کي نقصان پهچائڻ هو، انهن حملن ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 12 ڄڻا شهيد ۽ 39 زخمي ٿيا. مختلف ڪارروائين ۾ 5 دهشتگرد پڻ مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوانن اثرائتي انٽيليجنس ۽ تيز ڪاررواين سان سڄي ملڪ ۾ امن امان کي يقيني بڻايو، دهشتگردي جي ڪيترن ئي سنگين خطرن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، هي شهرين جي جمهوري حقن جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدم آهي. آءِ ايس پي آر موجب جمهوري عمل جي تحفظ لاءِ هٿياربند فوج سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ٿورائتا آهيون ۽ پوري اميد رکون ٿا ته اسان جون قربانيون ضايع نه ٿينديون. اميد آهي ته هي اليڪشن پاڪستان ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندي، اليڪشن پاڪستاني عوام جي امنگن تي پورو لهڻ جي راهه هموار ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهن، هٿياربند فوج رياست جي جمهوري روايتن جي حفاظت لاءِ سهڪار لاءِ تيار آهي.