اسلام آباد (م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان راجا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گهرو وزارت کي انٽر نيٽ سروس جي حوالي سان ڪي به هدايتون نه ڏنيون آهن، موبائل سروس کولڻ جو چئي ڇڏيون ۽ / دهشتگردي جو ڪو واقعو ٿي ويو ته ڪير ذميوار هوندو، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيوته اميد آهي چونڊن جو عمل خيريت سان مڪمل ٿيو،سئو سيڪڙو شفاف اليڪشن ٿي آهي، گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا، سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ گهرو وزارت ۽ ايجنسين جو ڪم آهي، هن واضح ڪيو ته اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي انٽرنيٽ سروس جي حوالي سان ڪي به هدايتون نه ڏيندي، جيڪڏهن اسان چئو ته موبائل سروس کولي ڇڏيو ۽ ڪائي دهشتگردي ٿي وڃي ته ڪير ذميوار هوندو، هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي ته اسان جو نظام انٽرنيٽ تي منحصر ناهي، ان سان اسان جي تيارين تي ڪوئي اثر نه پوندو، ٻئي پاسي انٽر نيٽ سروس تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ نيٽ بلاڪس مطابق پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ انٽر نيٽ سروس ۾ رنڊڪ ٿيندي رهي، نيٽ بلاڪس پاران ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان انٽرنيٽ سروس جزوي طور تي بند رهي، شهري پاران شڪايتون مليون آهن ته کين انٽرنيٽ سورس بند ٿيڻ سان مسئلا ٿي رهيا آهن،ان کان اڳ گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن سبب عام چونڊن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ موبائل سروس کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.