ڪراچي ۾ 18 سيٽن تي کٽي رهيا آهيون: خالد مقبول

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد محمود صديقي چيو آهي ته اسان جي تجويز ڪيل 3 آئيني ترميم  لاءِ جيڪو تيار ٿيندو. اسان ان سان گڏ هونداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته هي آئين 23 ڪروڙ عوام بدران 23 سئو خاندانن جو نگهبان ثابت ٿيو آهي. اسان پاڪستان جي آئين جي شڪل ٺيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته 18 هين آئيني ترميم اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ هئي، پر اهڙي جمهوريت جي پاڪستان کي ضرورت ناهي، جنهن جا ثمر رڳو چند خاندانن کي ئي ملن، هن چيو ته پاڪستان جاگيردارن ۽ظالمن جي قبضي لاءِ نه ٺهيو هو، عوام سان وڏو ظلم ٿي چڪو، 75 سالن ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي ۽ بنيادي تعليم به نه ڏئي سگهيا،  هاڻي جاگيردارن ۽ موروثي سياست کان پاڪستان کي پاڪ ڪرڻو پوندو، خالد مقبول چيو ته اڄ جي نتيجن سان پتو پوندو ته گذريل اليڪشن ۾ ڪيترو ظلم ٿيو، اسان سنڌ جي شهري علائقن مان 40 صوبائي سيٽن جي آس پاس هونداسين، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي ته ڪو مقابلو ئي ناهي، رڳو 2 تي مقابلو آهي،  هن چيو ته  ووٽنگ جو عمل جتي دير سان شروع ٿي آهي اتي ووٽرز کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.