موبائل سروس بند ڪرڻ جو ڪو مناسب ڪارڻ هوندو: مقبول باقر

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول  باقر اين اي 237 ۽ پي ايس 104 تي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2، بلاڪ 6 ۾ پنهنجو ووٽ وڌو. جنهن بعد  هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن ووٽ ڏئي پنهنجو جمهوري حق پورو ڪيو آهي ۽ سڪيورٽي جا سمورا انتظام موثر انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عمل بهتر نموني سان جاري آهي. هن چيو ته ووٽرن جو انگ وڌندو ۽ ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا.سنڌ حڪومت طرفان چونڊ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون  آهن.وڏي وزير پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشنن تي نه پهچڻ واري معاملي کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته عملو پنهنجو فرض بهتر نموني سرانجام ڏئي رهيو آهي. موبائيل سروس جي معطلي وفاقي حڪومت جو فيصلو آهي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن مناسب ڪارڻ اهڙو فيصلو ڪيو هجي. وڏي وزير سول سينٽر ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو ۽ سي سي ٽي وي ذريعي پولنگ عمل جو جائزو ورتو. ان موقعي تي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سنڌ جي وڏي وزير کي پولنگ عمل بابت بريفنگ ڏني. ان کانپوءِ نگران وڏو وزير، گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي پولنگ عمل جو فضائي جائزو پڻ ورتو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.