چونڊون اندروني معاملو، پاڪستان ۾ حملن تي ڳڻتي آهي: چين

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت چين جو چوڻ آهي ته چونڊون پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، پاڪستان سمورين موسمن جو اسٽريٽجڪ شراڪت دار ۽ فولادي دوست آهي، چيني  پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملن تي ڳڻتي آهي، چين پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪري ٿو، حملن ۾ جاني نقصان تي ڏک پهتو آهي، وارثن ۽ زخمين سان همدردي آهي،چين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو،  پاڪستان فولادي دوست هجڻ جي ناطي اميد آهي ته پاڪستان جون چونڊون هموار، مستحڪم ۽ محفوظ انداز  گذري وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.