چونڊ ڏينهن موبائل ۽ انٽرنيٽ بندش اظهار جي آزادي تي حملو آهي:ايمنسٽي انٽرنيشنل

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن جي تنظيمن چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بندش جي فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل سائوٿ ايشيا پاڪستان ۾ چونڊن واري ڏينهن موبائل ۽ ڊيٽا سروسز  جي معطلي کي ماڻهن جي اظهار جي آزادي ۽ پرامن گڏجاڻين جي حقن تي حملو قرار ڏنو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن واري ڏينهن ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ موبائيل انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو اظهار جي آزادي ۽ پرامن اسيمبلي جي حقن تي حملو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستاني اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي انٽرنيٽ جي رسائي تي پابندي ختم ڪئي وڃي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سڄي ملڪ ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾، ايڇ آر سي پي چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نگران حڪومت کي پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ سروس جي بغير ڪنهن وقفي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت جي باوجود، سروسز ۾ مسلسل خلل پئجي رهيو آهي. پي ٽي اي جي دعويٰ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کي انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ڪا به هدايت نه ملي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته شفافيت جو فقدان آهي ته رڪاوٽ ڪٿي هئي ۽ ڪيتري وقت تائين هلندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته موبائيل ۽ ڊيٽا سروسز جي بندش سان ووٽرن جي معلومات جي حق ۽ نتيجن جي منتقلي تي اثر پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.