خبر ناهي موبائل سروس بند ٿيڻ سان شهرين کي ڪهڙي پريشاني ٿي؟ وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مون کي خبر ناهي ته موبائل فون بند ٿيڻ سبب شهرين کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، پر جيڪڏهن ان کي سيڪيورٽي جي نقطه نظر  سان ڏٺو وڃي ته بهتر آهي، آئون ان کي ساراهيان ٿو.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، عبوري صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، اليڪشن اسٽاف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. ميڊيا ۽ انهن سمورن ادارن ۽ فردن جو جن آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.وزيراعظم چيو ته هي هڪ اهم موقعو آهي جتي نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي لچڪ ۽ مضبوطيءَ جو ثبوت آهي پر پاڪستان جي عوام جي انمول جذبي، پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش جو به ثبوت آهي. هن جمهوري مشق جي بنياد تي ووٽرن جو وڏو ٽرن آئوٽ اسان جي ملڪ جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ عوام جي عزم جو واضح اشارو آهي، ووٽن ذريعي اظهاريل آواز اسان جي جمهوريت جي مضبوطيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندا.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي چند واقعن باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سول انتظاميه ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ڪوششون قابل تحسين آهن.هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر آهي، ان ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي سڪيورٽي خدشن جي تناظر ۾ موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڪري فيصلي کي ڪنهن به غلط نقطه نظر سان نه ڏٺو وڃي.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلام آباد جي ماڊل ڪاليج فار بوائز پهتو، جتي هن چونڊ عمل جو جائزو ورتو ۽ ووٽرن سان انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.نگران وزيراعظم چيو ته ٽرن آئوٽ بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو پر اميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.