دهشتگردي جي واقعن سبب موبائل سروس بند ڪئي:احمد شاهه

ڪراچي رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه ضلعي ڏکڻ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي هن  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن سبب موبائل سروس بند ڪئي وئي آهي ته جيئن اهڙي قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو فيصلو دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون.  هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صورتحال قابو ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ويندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سروس بند ڪئي ويندي. ھن چيو تھ ڪراچي ۾گم ٿيل  بيلٽ پيپر واپس ڪرايا ويا آهن۽ پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي، شھري ووٽ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته انساني زندگين کي بچائڻ تمام ضروري آهي، پاڪستان جا دشمن اڄوڪي ڏينهن تي نظر لڳائي ويٺا آهن. پوري صوبي ۾ ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.