تقرير لاءِ اليڪشن سيل ۾ تيار ويٺل نواز ۽ شهباز شريف گھر موٽي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن کان پوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي پر اليڪشن ڪميشن جي دعويٰ باوجود رات جو دير تائين رزلٽ ممڪن نه ٿي سگھي.
قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي پر سنڌ اسيمبلي جي ٻن سيٽن جو ئي نتيجو مڪمل ٿيو آهي.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سينيئر صحافي رئيس انصاري جو چوڻ هو ته اڄ نتيجا اچڻ جي اميد هئي پر موبائيل فون ۽ نيٽ بند هجڻ سبب رابطا متاثر ٿيا، ان کان پوءِ اوچتو نتيجا اچڻ بند ٿي ويا، جيڪي اسان کي اليڪشن ڪميشن پاس جاري ڪيا ته آر او کان نتيجا وٺنداسين.
هن ٻڌايو ته جڏهن اسان جا نمائندا آر او وٽ ويا ته قطعي طور تي منع ڪيو ويو ته اوهان اسان وٽ نه اچو ۽ اسان کي وڃڻ کان روڪيو ويو.
سندس چوڻ وه ته اسان جا ذريعا چئي رهيا آهن ته ڪنهن کي به ڪنهن جي پاران رزلٽ نه ملندي پر هن وقت سمورا نتيجا مڪمل ڪري اليڪشن ڪميشن کي ڏينداسين، اين اي 127 جي آر او چيو ته نتيجا موڪلي ڇڏيا آهن، اوهان ڄاڻو ۽ اليڪشن ڪميشن ڄاڻي.
صحافي جو وڌيڪ چوڻ هو ته لاهور ۾ سڀ کان وڏو اليڪشن سيل ن ليگ جو بڻيو جتي نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز به موجود هئا، تقرير جي تياري به ڪئي وئي هئي پر هو واپس هليا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.