ايم ڪيو ايم جي سنڌ مان 40 سيٽون کٽڻ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي دعويٰ ڪئي آهي ته اسان سنڌ مان تقريبن 40 صوبائي سيٽون کٽينداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته اڄوڪن نتيجن سان خبر پئي ٿي ته گذريل چونڊن ۾ ڪيترو ظلم ٿيو، اسان سنڌ جي شهري علائقن مان لڳ ڀڳ 40 صوبائي سيٽون کٽينداسين، جڏهن ته ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي ته ڪو مقابلو ئي ناهي، رڳو ٻن تي مقابلو آهي.
هن چيو ته اسان جي تجويز ڪيل ٽن آئيني ترميمن لاءِ جيڪو تيار هوندو، اسان ان سان گڏ هونداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.