چونڊ مهم ۾ ڪيل واعدن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي : شبر زيدي

ڪراچي(م ڊ) ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ آهي ته چونڊ مهم ۾ عوام سان ڪيل واعدن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. جيو نيوز جي اليڪشن ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي شبر زيدي چيو ته ملڪي معيشت بهتر هجي ته به آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهرجي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ سان اولهه جي حمايت حاصل ٿيندي آهي. هن چيو ته هو اسحاق ڊار ۽ مفتاح اسماعيل جي معاشي پاليسي کان متاثر نه ٿيا، نگران حڪومت صحيح قدم کنيا آهن، نگران حڪومت پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي. شبر زيدي چيو ته اسان سخت فيصلا نه ڪري رهيا هئاسين، رپئي کي مستحڪم نه ڪري سگهيا آهيون، اسان افغان ٽريڊ يا اسٽاڪ ايڪسچينج ڪمپنين کي هٿ ناهي لڳايو. هن وڌيڪ چيو ته دعا ڪريو ته هي ماڻهو ٻيهر ملڪي معيشت کي خراب نه ڪن، اليڪشن مهم ۾ عوام سان واعدا ڪرڻ وارا ڄاڻن ٿا ته اهي واعدا پورا نه ڪري سگهندا، اليڪشن مهم ۾ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا. حقيقت سان ڪوبه واسطو نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.