نواز يا شهباز شريف جي حڪومت ۾ حصو بڻجڻ ممڪن نه آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي جي ڇئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ن ليگ کي دعوت ڏني ته وزير اعظم جو نامزد اميداور مباحثو ڪري،  پر اهيو نه ٿي سگهيو، اسان جو ٽارگيٽ آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهي ورهاڱي جي سياست کي دفن ڪري،پاڪستان جي عوام ڪي فيصلي جو انتظار آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري آصفه ڀٽو جي سياسي مستقبل بابت چيو ته آصفه اليڪشن مهم ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، جلسن جي اڳواڻي ڪئي، آصفه پاڻ نٿي چاهي ته کيس حڪومت جي ڪا ذميواري ڏني وڃي، آصفه کي مختلف شعبن ۾ تجربو آهي، کيس ذميواري ڏيندس. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  چونڊ مهم دوران مخالفن تي تنقيد ئي ٿيندي آهي تعريف ناهي ٿيندي، مان 16 مهينا شهباز شريف سان گڏ ڪم ڪيو آهي، نواز يا شهباز شريف جي حڪومت ۾ حصو بڻجڻ ممڪن نه آهي. پ پ چيئرمين چيو ته  پيپلز پارٽي جي ڪنهن به دور ۾ سياسي قيدي ناهي رهيو، محترمه وزير اعظم ٿيڻ بعد سڀ کان پهريان سياسي قيدين کي آزاد ڪيو، سياسي اڳواڻن سان اختلاف آهن پر سياسي ڪارڪنن سان ڪي به اخلاف ناهن.بلاول ڀٽو چيو ته  زميني حقيقت اها آهي ته ن ليگ 100 سيٽون به نه کڻي سگهندي، ادارا چاهين ٿا ته چونڊون شفاف ٿين،  اقتدار ۾ اچي اشرافيا کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪنداسين. اميد آهي وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين. مسنگ پرسنز جي مسئلي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرادري چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪوششن سان مسنگ پرسنز ڪميشن جوڙيو، حڪومت ملي ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪنداسين،  اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن سان جيڪو رويو رکيو ويو ان سان دنيا کي ناڪاري پيغام ويو، مظاهرين سان هاڪاري رويو رکيو وڃي ها، پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪي به چونڊون ٿيون آهن، انهن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جو مسئلو رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.