انٽرنيٽ سروس معطل، پ پ قيادت به خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

ڀان سيد آباد ( رپورٽ آدم مينگل)سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عام چونڊن 2024ع لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو صبح اٺ وڳي کان بنا ڪنهن وقعي جي شام پنج وڳي تائين جاري رهندو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.
اڳوڻي وڏي وزير ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پولنگ جو عمل شروع ٿيندي ئي ماڻهن جو قطارون لڳي ويون آهن، دعا آهي ته سموري ملڪ ۾ امن امان سان چونڊن جو عمل مڪمل ٿئي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو ڀرپور چونڊ مهم هلائي ۽ عوام جي نمائندگي ڪئي جڏهن ته نواز شريف پاڻ منهن ڏيڻ بدران ميڊيا تي پنهنجي نمائندا اماڻي ڇڏيندو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين پنهنجا خدشا ۽ ملڪ جا مسئلا ڄاڻايا ۽ هو ئي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگهي ٿو.
هن چيو ته امپائرن جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، بلاول ڀٽو بهتر نموني کيڏيو آهي، عوام امپائر آهي اِهو ئي فيصلو ڏيندو.
بلوچستان ۾ دهشتگرد واقعن جي افسوس جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه اعتراضن باوجود اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته اڄ موبائيل فون سروس معطل آهي انڪري اليڪٽرانڪ مئنيجمينٽ سسٽم تي فرق پئجي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي جا وڌيڪ بهتر انتظام هئڻ گهرجن ها، هر پولنگ اسٽيسن تي پاڪ فوج جا اهلڪار مقرر ڪرڻ گهرجن ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.