سنڌ ۾ اڄ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي تڪن تي ڪانٽي جا مقابلا متوقع

ڪراچي (رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي ڪانٽي جا مقابلا متوقع آهن، سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن جا سربراهه ۽ اڳواڻ پڻ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. انهن تنظيمن پاران سنڌ جي 5 قومي اسيمبلي ۽ 25 جي لڳ ڀڳ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پنھنجا اميدوار بيھاريا ويا آھن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جا اميدوار(جي ڊي اي) جي پليٽ تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي پنھنجا اميدوار (خادمين سنڌ) جي پليٽ فارم تان سامھون آندا آھن. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ھن ڀيري قاسم آباد جي صوبائي اسمبلي جي تڪ بجاءِ ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي صوبائي تڪ پي ايس 67 تي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، هن تڪ تي ڊاڪٽر قادر مگسي جي سامهون پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار خرم ڪريم سومرو آهي، جڏهن ته پي ٽي آئي جو حمايت يافته آزاد اميدوار عبدالرحيم ڪاتيار پڻ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، هن تڪ تي مقابلو دلچسپ رهندو، ڊاڪٽر قادر مگسي هن تڪ تان پهريون ڀيرو چونڊ وڙهي رهيو آهي، پر ان جي باوجود تڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي کي گهڻي موٽ ملي رهي آهي، قومپرست جماعتن ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن پڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو ساڳي پراڻي تڪ پي ايس 60 قاسم آباد تي اميدوار آھي، سندس مقابلو روايتي حريف پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري سان ٿيندو، هن تڪ تي پي ٽي آئي جي افروز شورو به اميدوار آهي، پر اصل مقابلو اياز لطيف پليجي ۽ ڄام خان شوري وچ ۾ ٿيندو، اياز لطيف پليجي کي قومپرست جماعتن، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين جي حمايت حاصل آهي، هن تڪ تي پڻ دلچسپ مقابلي جا امڪان آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين العابدين(زين شاھھ) جي ڊي اي طرفان سڪرنڊ نوابشاھھ واري پنھنجي پراڻي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 208 تي اميدوار آهي، سندس سامهون روايتي حريف پيپلزپارٽي جو ٽي ڀيرا ايم اين اي رھندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه مقابلي ۾ آهي، سيد زين شاهه سڪرنڊ ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي پڻ اميدوار آهي ۽ ان تڪ تي به پيپلزپارٽي جو اميدوار سندس سامهون بيٺل آهي، سيد زين شاهه سدائين هن تڪ تان چونڊن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي ۽ هو اتي مضبوط اميدوار تصور ڪيو پيو وڃي، کيس قومپرست جماعتن سميت مقامي معززن ۽ سول سوسائتي جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. ڄامشورو جي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 226 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد منير حيدر شاهه چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، سندس مقابلو پيپلزپارٽي جي اميدوار ملڪ اسد سڪندر سان ٿيندو، منير حيدر شاهه پي ايس 78 تي پڻ پيپلزپارٽي جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو جي سامهون مقابلي جي لاءِ تيار آهي. اين اي 226 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه حصو وٺندو رهيو آهي، پر هن ڀيري سيد جلال محمود شاهه طبيعت جي ناسازي جي ڪري چونڊن ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي، ان ڪري سيد منير حيدر شاهه قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي پهريون ڀيرو چونڊون وڙهي رهيو آهي، ڄامشوري ضلعي ۾ ايس يو پي جو پنهنجو وڏو روايتي ووٽ بينڪ آهي. گولاڙجي بدين جي صوبائي تڪ پي ايس 72 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ امير آزاد پنهور جي ڊي اي جو اميدوار آهي، سندس مقابلو پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صوبائي وزير اسماعيل راهو سان ٿيندو، امير آزاد پنهور به پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، پر امير آزاد پنهور مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي سامهون چونڊ وڙهي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين جو ميمبر چونڊجي آيو هو، امير آزاد پنهور سياسي ۽ سماجي طور تي علائقي ۾ متحرڪ هجڻ ڪري کيس گهڻي موٽ ملي رهي آهي، مرزا گروپ ۽ جي ڊي اي جي حمايت جي ڪري سندس پوزيشن مضبوط ٻڌائي پئي وڃي. سنڌ نواز گهانگهرو ڪنڊيارو جي پي ايس 32 تي آزاد حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، سنڌو نواز گهانگهرو پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، سنڌو نواز گهانگهرو متحرڪ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ آهي ۽ هن ڀرپور نموني سان تڪ ۾ چونڊ مهم به هلائي آهي، ان تڪ تي پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جا اميدوار پڻ ميدان تي لٿل آهن. پي ايس 77 سيوهڻ ڄامشورو تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد مراد علي شاهه جي سامهون جي ڊي اي طرفان ايس يو پي جو اڳواڻ روشن علي ٻرڙو بيٺل آهي. ٽنڊو محمد خان جي اين اي 221 تي خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري اڳوڻي وفاقي وزير پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر جي مدمقابل آهي، هن تڪ تي جي ڊي اي طرفان به اميدوار ميدان تي لٿل آهي. حيدرآباد جي شھري علائقي تي مشتمل صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 64 تي سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر ثمر حيدر جتوئي اميدوار آهي، سندس مقابلو پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ مذهبي جماعتن جي اميدوارن سان ٿيندو. عوامي تحريڪ پاران 10 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پنھنجا اميدوار آندا ويا آھن، جن ۾ محمد علي ٽالپر پي ايس 72 بدين، ايڊووڪيٽ محمد فاضل زنئور پي ايس 70 بدين، امير بخش جروار پي ايس 48 ميرپورخاص، ايڊووڪيٽ سائين بخش جروار پي ايس 58 ٽنڊو الھيار، ڊاڪٽر راڻو ڪنڊاڻي پي ايس 44 سانگھڙ، ايڊووڪيٽ غلام رسول ڀنگر پي ايس 35 نوشھروفيروز، ھريش مالھي پي ايس 49 عمرڪوٽ، ايڊووڪيٽ سڪندر سولنگي پي ايس 34 نوشھرو فيروز، مھراڻ درس پي ايس 69 بدين ۽ اوڀايو جوڻيجو پي ايس 55 ٿرپارڪر تي اميدوار آھي. عوامي ورڪرز پارٽي پاران سنڌ جي ٻن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار آندا ويا آھن، جن ۾ سينگار علي نوناري پي ايس 17 نصير آباد ۽ بيگم خاتون پي ايس 4 ڪشمور تي اميدوار ھوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.