سعيد غني جو موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس کولڻ جو مطالبو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي.
ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اليڪشن جي ڏينهن موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي، ان عمل سان اليڪشن تي سوال اٿندا.
سعيد غني جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريان ٿو ته موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بحال ڪئي وڃي، دهشتگردي جا بهانا بڻايا پيا وڃن، امن امان جي ذميواري حڪومت جي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن جي هيڏي وڏي عمل کي تڪراري بڻائڻ ڪنهن به صورت مناسب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.