ڊي جي رينجرز سنڌ پاران مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو آهي.
ڊي جي رينجرز سوڪ سينٽر، ڪارساز، ڊرگ روڊ، قائد اعظم جي مزار ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ان دوران دوران ڊي جي رينجرز سنڌ سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو.
ڊي رينجرز جي دوري جي موقعي تي سيڪٽر ڪمانڊرز کيس سيڪيورٽي اپائن تي بريفنگ ڏني.
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص پاران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز وارن علائقن جو به دورو ڪيو ويو.
ڊي جي رينجرز سيڪيورٽي جي حوالي سان کنيل اپاءَ وڌيڪ اثرائتا بڻائڻ جو حڪم ڏنو.
ڊي جي رينجرز چيو ته ڪوئيڪ ريسپانس جٿا ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن تي عمل يقيني بڻايو ويندو..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.