اليڪشن ڪميشن، مبصرن ۽ ميڊيا بابت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مصبرن ۽ ميڊيا بابت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ايڪريڊيشن ڪارڊ يا اجازت نامو رکندڙ مبصر ۽ ميڊيا کي پولنگ اسٽيشن اندر وڃڻ جي اجازت آهي.
اليڪشن ڪميشنر سنڌ جي ترجمان چيو آهي ته ايڪريڊيشن ڪارڊ اليڪشن ڪميشن ترجمان ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن طرفان جاري ڪيا ويا آهن.
ترجمان موجب، پريزائيڊنگ آفيسرن کي اجازت نامو رکندڙ مبصرن ۽ ميڊيا کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخلا کان نه روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.