اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عفت سومري کي 25 ڪروڙ ۽ ڪينيڊا جي شھريت ڏئي دستبردار ڪرايو، جھانگير ترين جو اعتراف،ملڪ ۾ عام چونڊ ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڌانڌلي جو سڀ کان وڏو ڪيس سامھون اچي ويو. پنجاب جي شھر لوڌران جي تڪ تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار عفت سومرو پاڪستان استحڪام پارٽي جي اميدوار جھانگير ترين جي حق ۾ دستبردار ٿي وئي آھي. جھانگير ترين مٿان مخالف اميدوار کي اغوا ڪري کيس ھراسان ڪرڻ جو الزام ھنيو ويو، جنھن جي وضاحت ڪندي هن اعتراف ڪيو ته عفرت سومرو 25 ڪروڙ ۽ ڪينيڊا جي شھريت واري شرط تي منھنجي حق ۾ ھٿ کڻي وئي آھي. ثوبيه اشرف جي پروگرام اندر جي ڳالھه ۾ مزمل سھروردي ڳالھائيندي چيو آھي ته جھڙي طرح ڪنھن کي اغوا ڪرڻ ڏوھه آھي، اھڙي طرح پنھنجي ڪنھن مخالف کي به پئسا ڏئي پنھنجي حق ۾ ھٿ کڻائڻ نه رڳو ڏوھه آھي، پر اھا ڌانڌلي پڻ آھي ۽ ان عمل سان ٻئي اميدوار نااھل پڻ ٿي سگھن ٿا. ھڪ سوال جي جواب ۾ مزمل سھروردي چيو ته بئريسٽر علي گوھر ۽ بشريٰ بي بي جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ٿي چڪا آھن، چونڊ نشان تي اپيل واري درخواست يا بشريٰ بي بي کي واپس اڊيالا جيل موڪلڻ عوامي ردعمل جو نتيجو آھي، جڏھن ته چونڊ نشان متعلق داخل ڪيل نظر ثاني واري درخواست چونڊن کان رڳو ھڪ ڏينھن اڳ ۾ ڏني وئي آھي، جيڪا گھٽ ۾ گھٽ 15 ڏينھن اڳ ۾ ئي داخل ڪرڻ گھرجي ھا، مزمل سھروردي چيو ته پي ٽي آءِ وٽ رڳو سوشل ميڊيا ٽيم آھي، وٽن پولنگ ايجنٽ ناھن ۽ چونڊون فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ يا يوٽيوب تي نه پر پولنگ اسٽيٽنن تي ٿينديون.