ڪراچي (م ڊ) ايمنسٽي انٽرنيشنل سميت انساني حقن جي ٻين ڪيترن ئي تنظيمن پاڪستاني اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل ڪميونيڪيشن پليٽ فارمز تائين بنا ڪنهن وقفي جي رسائي جي ضمانت ڏين.نگران گهرو وزير جي اڄوڪي بيان جي روشني ۾ هن چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن دوران انٽرنيٽ جي خلل ۽ بندش جو خدشو آهي، اسان گذارش ڪريون ٿا ته سڄي ملڪ ۾ ماڻهن کي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تائين مڪمل پهچ حاصل هجي.