حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اليڪشن ورڪ تيز ڪري ڇڏي، پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن ڳوٺ يوسف دل، ڳوٺ شھداد بروهي، ڳوٺ شجاع پالاري، ڳوٺ سنجر ملاح، سحرش ننگر، نسيم ننگر پارڪ، ڳوٺ چانڊيا جتوئي (سٽي چوڪ) ڳوٺ مختيار آرائين ڳوٺ عالم خان پالاري، علي آباد ڪالوني ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي سان حساب ٿيندو پيپلزپارٽي گذريل پندرهن سالن جي اقتداري دور ۾ تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم عوام کي پنھنجو جائز حق ڏيڻ بدران پنڻ تي مجبور ڪيو، ڏھه ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ چوڪن تي شاھوڪار سنڌ جي ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪيو سنڌين جي حقن، اميدن ۽ خوابن تي ڌاڙا ھنيا ۽ ويساھ گھاتي ڪئي، پ پ جي حڪومتي دورن ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ۽ عورتون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيا، 8 فيبروري تي پي ايس 60 قاسم آباد سميت سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ٽولي کي اليڪشن شڪست ملندي.