پ پ جو اڄ ميرپورخاص ۾ جلسو رٿيل، تياريون مڪمل

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زداري پاران ميرپورخاص ۾ اڄ جلسي عام کي خطاب ڪرڻ جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن جلسي گاهه سميت پوري شھر کي پارٽي جهنڊن سان سينگاريو ويو آھي جڏھن ته پارٽي پاران ميرپورخاص شھر جي مختلف چوڪن ۽ داخلي رستن تي ڀليڪار ڪئمپ لڳايا ويا آھن شھيد بينظير ڀٽو (گاما) اسٽيڊيم ۾ بلاول ڀٽو جي تقرير لاءِ تيار ڪيل اسٽيج ۽ پنڊال جي معائني لاءِ پ پ جو ڊويزنل صدر ۽ اين اي 211 جو اميدوار پير آفتاب حسين شاه جيلاني, ضلعي صدر ۽ اين اي 212 ج اميدوار ميرمنورعلي ٽالپر, صوبائي تڪ پي ايس 45 تي پ پ اميدار هري رام ڪشوري لال پي ايس 46 تي پ پ اميدوار سيد ذوالفقار علي شاه پارٽي اڳواڻن ميرحسن ڌونڪائي, عبدالسلام ميمڻ سان گڏ اسٽيڊيم پهچي انتظامن جو معائنو ڪيو ان موقعي صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته شھيد راڻي جي پٽ ۽ پ پ ڇيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميرپورخاص جي عوام بيچيني سا انتظار ڪري رهيو آھي جيالا ۽ عوام پنهنجي نوجوان قيادت ۽ ايندڙ وزيرعظم جو تاريخي استقبال ڪندا, بلاول ڀٽو زرداري جو اليڪشن جي حوالي هي دورو وڏي اهميت رکي ٿو سندس ميرپورخاص اچڻ سان عوام ۽ پارٽي ڪارڪنن ۾ ھڪ نئون اتساھ پيدا ٿيندو ۽ وڌيڪ جوش جذبي سان چونڊ ۾ حصو وٺندا هنن چيو ته ميرپورخاص ضلعو هميشه پ پ جو مضبوط قلعو رهيو آھي ۽ ميرپورخاص جي عوام پ پ اميدوارن کي هميشه وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائي مخالفن کي شڪست فاش ڏني آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.