بلوچستان:مڇ ۾ آپريشن دوران مارجي ويلن جو انگ 24 ٿي ويو

راولپنڊي(م ڊ) آءِ ايس پي آر بلوچستان جي علائقي مڇ ۽ ڪول پور ڪامپليڪس تي دهشتگردن جي حملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. آءِ  ايس پي آر موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن جي حملي کي بهادري سان ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڪليئرنس آپريشن دوران گذريل 3 ڏينهن ۾ 24 دهشتگرد ماريا ويا، انهن دهشتگردن کي سرچ آپريشن دوران ماريو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ شهزاد بلوچ، عطاءُالله، صلاح الدين ۽ عبدالودود شامل آهن ۽ ٻين جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 2 شهري به شهيد ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.