ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ عام چونڊن 2024ع جي حوالي سان چونڊ مهم دوران ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙين جي سخت نگراني وارو سلسلو بدستور جاري آهي،صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ترجمان مطابق ڪراچي جي چونڊ تڪ پي ايس 91 ڪورنگي ۾ غير قانوني سرگرمين تي جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم حقاني جي ڪارڪنن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. پي ايس 100 ڪراچي اوڀر تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آزاد اميدوار کي نوٽيس جاري ڪيو ويو صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله پاران ضلعي مانيٽرنگ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آھي تھ ضابطا اخلاق تي مڪمل عملدرآمد هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي سکر ۾ اين اي 201 جي تڪ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد خورشيد احمد شاهه کي ضابطه اخلاق جي شق نمبر 17 جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪري وضاحت گھري وئي آھي.مٽياري جي سرڪاري ملازم کي اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻ تي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت گھري وئي.