حيدرآباد(رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هاڻ هن هي شهر ڌمڪي ۽ بدمعاشي برداشت نه ڪندو، هي شهر وارننگ ڏئي رهيو آهي ته اڄ تير جي دفن ٿيڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن، اسان جي خواب جي تعبير اڄ حيدرآباد ڏيکاري رهيو آهي، مون چيو هو ته 2023ع کان حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم وارن جو دور شروع ٿيڻ وارو آهي، ايم ڪيو ايم جا اميدوار ۽ ڪارڪن هر هڪ گهر وڃي چون ته توهان جو دشمن 8 فيبروري تي پنهنجي موت پاڻ مري رهيو آهي. ڪالهه حيدرآباد ۾ پڪي قلعي گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. خالد مقبول صديقي پيپلزپارٽي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پيپلزپارٽي توکي بخشيو نه ويندو، هي قوم توهان کان 15 سالن جو حساب وٺندي، 15 سالن کان اسان جي شهرن تي قبضو ڪيو ويو هو، ايم ڪيو ايم ان جو حساب ڪتاب وٺندي، 15 سالن ۾ 22 هزار ارب روپيا اسان توهان کي ڏنا هئا، ان ڪري هڪ هڪ پيسي جو حساب ورتو ويندو، ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر انيس قائمخاني چيو ته ڪراچي جي عوام 21 جنوري ۽ حيدرآباد جي عوام اڄ ٻڌائي ڇيو ته هو ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن.