پ پ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران حيدرآباد ۾ سڀاڻي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو. جلسي کي  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. حسين آباد گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسي جي تيارين جو جائزو وٺڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد جو عوام بلاول ڀٽو زرداري جو تاريخي استقبال ڪندو، 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن دوران پ پ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي جڏهن ته سائوٿ پنجاب ۾ به هو اڪثريت سان کٽيندا، ڇو ته اتي پهرين به هو کٽي چڪا آهن. هن چيو ته سينٽرل پنجاب ۾ به سندن پوزيشن مضبوط آهي، اتي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ چونڊ مهم هلائي رهيو آهي. هن چيو ته عوام نفرت ۽ لسانيت جي سياست کي رد ڪري چڪو آهي ۽ عوام ۾ شعور آهي ان ڪري هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي هلڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران کڻو نئين سوچ کي جو مقصد به اهو آهي ته انتقام، نفرت، لسانيت ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهائڻ واري سياست جو خاتمو ممڪن بڻجي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ اليڪشن مهم جي شروعات ڪئي جنهن ڪري سندس ان عمل جي ملڪ سميت سڄي دنيا واکاڻ ڪري رهي آهي. سمورا سياستدان ننڊ ستل هئا جڏهن ته اڌ کان وڌيڪ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو خيال هو ته الڪيشن ئي نه ٿين پر بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن مهم جي شروعات ڪري سڀني کي ننڊ مان جاڳايو. هن چيو ته ماڻهو هاڻي پراڻي سياست کي دفن ڪرڻ ٿا چاهين ڇاڪاڻ ته هو نواز شريف ۽ عمران جي ڪوڙن نعرن کان تنگ ٿي چڪا آهن ۽ سڀني کي خبر آهي ته عمران خان ملڪ سان ڇا ڪيو. سندس دور ۾ ملڪ معاشي بحران جي ورچڙهيو. سندس تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن جنهن ۾ هو رڳو پاڻ کي ڪپتان ۽ ڪرڪيٽر ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي جڏهن ته نواز شريف به تقريرن دوران رڳو ”مان“ پاڻ تائين محدود رهيو آهي. سندس اليڪشن مهم ۽ پاليسيون نفرت ۽ انتقام تي ٻڌل آهن. سندس اليڪشن منشور به اهو آهي ته پاڪستان کي نواز ڏيو پر کيس خبر ناهي ته عوام چاهي ٿي ته ان کي ماني ملي. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سدائين عوام جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ان لاءِ ماڻهو هاڻي سکڻن نعرن کان ٿڪجي چڪا آهن. کين پنهنجا مسئلا ٻڌڻا ۽ حل ڪرائڻا آهن جيڪا تبديلي نئين سوچ جي نشاني آهي جنهن جي بلاول ڀٽو زرداري هر فورم تي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ اها نئين سوچ ملڪ ۾ سرسبز انقلاب کڻي ايندي. هن چيو ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ممڪن آهي ته پ پ کي آزاد اميدوارن سان گڏ ٻين پارٽين جي به ضرورت پوندي جنهن ڪري هو ڳالهين وارو سلسلو جاري رکندا. 2008ع دوران به پ پ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن جي ضروت نه هئي تنهن باوجود انهن اتحادين کي گڏ کنيو ۽ هاڻي به اها روايت هو برقرار رکندا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ گذريل ڀيري 3 صوبائي ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ حاصل ڪئي. هن ڀيري سمورن تڪن تي ڪاميابي ماڻينداسين، حيدرآباد جا ماڻهو به نفرت واري سياست ڪندڙن کي رد ڪري چڪا آهن ۽ کين خبر آهي ته شهر کي کنڊرات ڪنهن بڻايو. ان کان اڳ شرجيل انعام ميمڻ پ پ اڳواڻ ڄام خان شورو، طارق شاهه ڄاموٽ، علي محمد سهتو، عبدالجبار خان، صغير قريشي ۽ ٻين سان گڏجي جلسي گاهه جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.