ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪندي بجلي واهپيدارکان 20 ارب واڌو اوڳاڙي

اسلام آباد(م ڊ) ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سبب صارفين تي هڪ سال ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پاور سيڪٽر اسٽيٽ آف انڊسٽري  پورٽ 2023 جاري ڪري ڇڏي آهي. نيپرا جي رپورٽ ۾ بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن، فيول جي فراهمي ۾ غير موثر هجڻ کي پاور سيڪٽر جا وڏا مسئلا قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پراڻا ۽ غير فعال پلانٽس مقرر مدي باوجود هلايا پيا وڃن، پاور سيڪٽر ۾ وچولي ۽ ڊگهي مدي واري رٿابندي جي کوٽ آهي.  نيپرا جي رپورٽ موجب سال 2023 دوران مختلف وڏن شهرن ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي طلب ۽ پيداوار جي وچ ۾ وڌندڙ فرق سبب پاور سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جا سنگين خطرا آهن، پر بجلي جي شعبي ۾ خاننگي شعبي جي مداخلت سان بهتري آڻي سگهجي ٿي. نيپرا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاور ڪمپنين ۾ 781 ارب رپين جي سيڙپڪاري باوجود صورتحال بهتر نه ٿي آهي، پاور سيڪٽر ۾ پلاننگ جي کوٽ جو بار صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، بجلي جي شعبي ۾ 26 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بار هو. ايل اين جي جي کوٽ ۽ مهانگا پلانٽ هلائڻ سبب 164 ارب رپين جو بار آهي. رپورٽ موجب پاڪستان جو پاور سيڪٽر گردشي قرضن، امپورٽ فيول، ڊليوري ناڪامي ۽ ناقص گورننس ۾ ڦاٿل آهي، بجلي جي غيرمعمولي قيمتن عام ماڻهو کي بُري طرح متاثر ڪيو آهي، بجلي جي قيمتن سبب گهريلو صارفين، ڪمرشل، زراعت سميت سمورا شعبا متاثر ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.