چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بندش جو امڪان رد

اسلام آباد(م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ جي بندش جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. عام چونڊن بابت اهم اجلاس خميس تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيو، بعد ۾ چيف اليڪشن  ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال کي ڊيل ڪيو پيو وڃي. هن  8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون، ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.