عمران خان کي جيل مان ڪڍو،سندس مقبوليت گهٽجي ويندي: جاويد هاشمي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته رڪارڊ تي ايندو ته اليڪشن ٿي به نه به ٿي، تحريڪ انصاف  جي بلڪل سپورٽ نه پيو ڪريان، مان ڏسان پيو ته زيادتي ٿي رهي آهي، ان ڪري همدردي رکان ٿو،هڪ وي لاگ انٽرويو ۾ هن چيو ته  سموريون پارٽيون مون کي ڪڏهن گاريون ڏئي رهيون هونديون آهن ڪڏهن ساراهه پيون ڪنديون آهن،هن چيو ته  پنجاب ۾ نواز ليگ کي فري هينڊ مليل آهي،نوازشريف، شهبازشريف ۽ مريم نواز جلسا ڪري رهيا آهن، ن ليگ منهنجي پارٽي آهي،نوازشريف جڏهن اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه ڪندو آهي ته اسان ڇهه ڇهه سال اڊيالا جيل ۾ ويٺل هوندا آهيون پر پوءِ هو(نوازشريف)ڊيل ڪري ڇڏيندو آهي،نوازشريف هاڻي ڪمپرومائز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ووٽ کي عزت ڏيو جي ڳالهه نٿو ڪري،نوازشريف مطالبو ڪري ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، ان سان پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي ويندي، هن چيو ته شيخ مجيب کي اي پي سي ۾ گهرائڻ لاءِ سمورين پارٽين ٻڌي ڪئي هئي جنهن بعد جنرل ايوب خان مجبور ٿي کيس جيل مان ڪڍيو، عمران خان کي جيل مان ٻاهر ڪڍو ته هن جي مقبوليت گهٽ ٿي ويندي،اهوچوڻ ته عمران خان وڏو جمهوريت پسند آهي، غلط آهي باقي اها حقيقت آهي ته هن جي مقبوليت هن وقت آسمان کي ڇهي رهي آهي،تحريڪ انصاف کي سيٽون نه ملنديون، نواز ليگ ۽ ان جي اتحادين کي سيٽون ڏيڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.