سنڌ جي عوام طرفان چوان ٿو ميان صاحب نه کپي: بلاول

جيڪب آباد/ شڪارپور/ لکي غلام شاهه(رپورٽ : حضور بخش سومرو+ ذوالفقار مگسي+ نديم جان مهر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ معاشي پلان تيار ڪري ورتو  آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته ملڪ کي مسئلن مان رڳو پ پ ڪڍي سگهي ٿي.  پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار پي ايس 7 امتياز احمد شيخ، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شڪارپور هائوس کان قافلو ريلي جي صورت ۾ زيرو پوائنٽ پهتو، جتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو ان کان پوء قافلي جي صورت م زيرو پوائنٽ کان جيل چورنگي، بينظير گيٽ وايا شڪارپور هائوس، ايس ايس پي آفيس، جهاز چوڪ کان ٿيندي رستم روڊ پهتي، جتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، اڳوڻو وزيراعلي سيد مراد علي شاھ، امتياز احمد شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي 100 فيصد، 100 سيڪڙو شڪارپور جي اميدوارن امتياز احمد شيخ، آغا سراج دراني، عارف خان مهر، شهريار خان مهر ۽ مير شبير علي خان بجاراڻي کي ڪامياب ڪيو، جڏھن ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو پيپلز پارٽي اڳواڻ مير بابل خان ڀيو، جهاز چوڪ وٽ شاندار استقبال پڻ ڪيو. لکي غلام شاھ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو ويو.اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش مهر،پي ايس 8 پ پ اميدوار عارف خان مهر،193 پ پ اميدوار شهريار خان مهر لکي موڙ سکر/لاڙڪاڻو موڙ تي بلاول جي چونڊ مهم ريلي جي آجيان ڪئي. ريلي ۾ اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاھ،عابد حسين ڀيو، ذوالفقار ڪماريو، شبير بجاراڻي، آغا سراج دراني، فراز شيخ، ڪامران مهر ۽ ٻيا بلاول سان گڏ هئا ريلي لکي موڙ کان ٿيندي شڪارپور پهتي جتي عابد حسين ڀيو،بابل خان ڀيو جي ووٽرن استقبال ڪيو ته ٻئي طرف امتياز شيخ جي حامين ووٽرن الڳ استقبالي ڪمئپ قائم ڪري ڌار ڌار استقبال ڪيو ويو،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  شڪارپور ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ شخص چوي پيو ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻايو،پر سنڌ جي عوام طرفان چوان پيو نه کپي نه کپي،مون 10 نقاتي منشور ڏنو آهي وزيراعظم بڻجي ان تي عمل ڪندس،پ پ انتقامي سياست تي يقين نٿي رکي،ڪجھ ماڻهو مذهب جي نالي تي سياست ڪن ٿا عوام کي گهرجي 8 فيبروري تي تير تي ٺپن جو وسڪارو ڪري انهن کي شڪست ڏين هوڏانهن لکي ۾ اڳوڻي ايم اين اي تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ غوث بخش خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پ پ ۾ شموليت تي علائقي جو عوام تمام گهڻو خوش ٿيو آهي اميد ته عوام ڀرپور ساٿ ڏئي چونڊرائيندو ۽ عوام جي ڏنل پيار محبت تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪبي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان تمام ڏکيو وقت ڏٺو آهي، اسان ڪورونا جو دور ڏٺو آهي، اسان ٻوڏ کي منهن ڏنو آهي، ٻوڏ دوران شڪارپور آيا هئاسين، ٻوڏ متاثر عورتن جو مطالبو هو ته گهر ٺهرايا وڃن، پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ سڄي ملڪ مان گهران نڪري آيا آهيون. دنيا. رقم گڏ ڪئي ۽ 2 ملين گھر تعمير ڪيا. بلاول ڀٽو عوام کي چيو ته تخت لاهور جي جنگ جو بار اوهان کڻي رهيا آهيو، مذهب، ٻولي ۽ فرقيواراڻي سياست جي بنياد تي ڪنهن کي ورهائڻ نه ٿو چاهيان، آئون بنا ڪنهن فرق جي اوهان جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.