ڊيل تحت بني گالا موڪليو ويو آهي ته رد ڪري جيل ۾ وڌو وڃي: بشريٰ بي بي

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري  بشريٰ بي بي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مون کي ڊيل تحت بني گالا موڪليو ويو آهي  ته ان کي رد ڪري جيل ۾ وڌو وڃي. عدالتي ڪمري ۾ پهريون ڀيرو صحافين سان ڳالهائيندي بشريٰ بي بي چيو ته مان پاڻ کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ جيل آئي آهيان. هن چيو ته منهنجي گهر کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، اها هوٽل ناهي، جيڪڏهن مون کي ڊيل تحت بني گالا موڪليو ويو ته پوءِ ان کي رد ڪري جيل ۾ وڌو وڃي. بشريٰ بي بي دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ڳالهين لاءِ ڪيترائي ماڻهو موڪليا ويا، هن زندگي ۾ ڪڏهن به غلط ڪم نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.