اسلام آباد(م ڊ)ناليواري صحافي نجم سيٺي چيو آهي ته بشريٰ بي بي کي ان ڪري بني گالا موڪليو ويو ته جيئن کيس عمران خان کان ڌار ڪري سگهجي،اها اسٽيبلشمينٽ جي خواهش هوندي، کيس بني گالا نه وڃڻ گهرجي ها، هن کي اچي چوڻ گهرجي ته بني گالا زبردستي موڪليو ويو هو، مان ڳالهين لاءِ راضي ناهيان ،عمران خان کي نه ڇڏيندس، کيس جلد جيل يا ريسٽ هائوس منتقل ڪيو ويندو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڳالهين لاءِ اسپيس ڳولي رهي آهي،بني گالا ان ڪري رکيو ويو ته تون ڇو عمران خان کي ڇو چنبڙي پئي آهين،توهان ڪجهه انفارميشن ڏيو، ڪيس ختم ڪيا ويندا،
هن چيو ته پرويز الاهي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي امير حسين ڀٽي جو ويجهو مائٽ آهي، اطلاع آهن ته شاهد جميل ڀٽي جي ڪيس ۾ اختلاف رکيو ان ڪري چيف جسٽس کيس مختلف هنڌن تي بدلي ڪيو