لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد جميل خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جسٽس شاهد جميل پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي . جسٽس شاهد جميل خان استعيفيٰ واري درخواست ۾ ذاتي سبب ڄاڻائڻ سان گڏ علامه اقبال جا شعر به لکيا آهن ته ”اقبال يهان نام نه لـَي عـَــلمِ خودي ڪا، موزون نهين مڪتب ڪي ليئي ايسَي مقالات، جسٽس شاهد جميل استعيفيٰ ۾ انگريزي جو اهو پهاڪو به لکيو آهي ته An ounce of discretion is worth a pound of wit جسٽس شاهد جميل خان کي 2029 ۾ رٽائر ٿيڻو هو، جسٽس شاهد جميل جو سينيارٽي لسٽ ۾ يارهون نمبر هو. هن چيو ته هاڻي مان پاڪستان جي آئين 1973ع جي آرٽيڪل 206 (1) تحت فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جسٽس شاهد جميل پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي پر هن ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏئي نئون باب شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن علامه اقبال جا چار شعر لکيا. آزاد کی اک آن ہے محکوم کا اک سال ، کس درجہ گراں سیر ہیں محکوم کے اوقات اقبال ! یہاں نام نہ لے علم خودی کا موزوں نہیں مکتب کیلئے ایسے مقالات، هو سينارٽي ۾ يارهون نمبرهو.
شاهد جميل ٻن ججن جي استعيفيٰ بعد مايوس ٿي چڪو هو
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري صحافي اسد طور چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج شاهد جميل سينيارٽي لسٽ ۾ 11هين نمبر تي هو، هن جي سروس 2028ع تائين هئي، هن پنج سال اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، اقبال جا شعر معني خيز آهن، ڪجهه وڪيل چون ٿا ته هو ٽيڪس معاملن جو ماهر جج هو، صحافين موجب هو ميڊيا جي حوالي سان سخت قسم جو جج هو،کيس ميڊيا تي اچي مقبوليت ماڻڻ جو ڪو به شوق نه هو،ذريعن جو چوڻ آهي ته اها استعيفيٰ به سپريم ڪورٽ مان جسٽس مظاهر اڪبر نقوي ۽ جسٽس اعجازالاحسن جي استعيفائن سان ڳنڍيل آهي،شاهد جميل خان اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجازالاحسن جو ويجهو ماڻهو آهي،موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اچڻ کانپوءِ جسٽس (ر) ثاقب نثار جي ڌڙي خلاف سخت قسم جون ڪارروايون جاري رهيون جنهن ۾ جسٽس(ر) عمر عطا بنديال به نشانو هو انهن واقعن کانپوءِ جسٽس شاهد جميل گهڻو مايوس ٿي چڪو هو،سپريم ڪورٽ،اسٽيبلشمينٽ ۽ بار ايسوسيئيشنز وچ ۾ ڳٺ جوڙ ٿي چڪو آهي، جج شاهد جميل کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس امير ڀٽي به پسند نه ڪندو هو، کيس ڪڏهن ملتان، ڪڏهن راولپنڊي ڪڏهن قصور رجسٽري بدلي ڪيو ويندو هو،ذريعن موجب جنهن ڏينهن جسٽس اعجاز الاحسن استعيفيٰ ڏني شاهد جميل انهيءَ ڏينهن ئي استعيفيٰ ڏيڻ پئي چاهي، شاهد جميل دوستن کي چيو ته هاڻي ته گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي، هو 6مهينن کان نجي محفلن ۾ چوندو هو ته جسٽس امير ڀٽي مون سان خراب سلوڪ ڪندو آهي، هن هڪ اڌ موقعي تي رمارڪس ۾ چيو هو ته مان ڊڪٽيشن نه وٺندس،عافيه شهربانو ڪيس تي ڪجهه جج اعتراض ڪري رهيا آهن،شاهد جميل کي اها به خبر پئي هئي ته بار ڪائونسل پاران ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي جن باغي ججن جي لسٽ ڏني وئي آهي ان ۾ هن جو نالو به شامل هو