ڪوئيٽا/ڪراچي (م ڊ ) بلوچستان جي علائقي قلات ۾ پيپلز پارٽي جي ضلعي اليڪشن آفيس تي دستي بم حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته نوشڪي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس اسٽيشن جي دروازي تي ڪريڪرن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. تفصيل موجب بلوچستان جي علائقي قلات ۾ پيپلز پارٽي جي ضلعي اليڪشن آفيس تي دستي بم ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اکين ڏٺن شاهدن موجب موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل ماڻهو دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ثبوت گڏ ڪري ورتا، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملدارن کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو. ان کان اڳ نوشڪي ۾ سٽي پوليس اسٽيشن جي مين گيٽ تي دستي بم حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.ان کان علاوه بلوچستان جي علائقي خاران ۾ اين اي 260 جي اميدوار اعجاز سنجراڻي جي چونڊ ڪئمپ ٻاهران دستي بم هٿ آيو، جنهن کي پوليس ناڪارا بڻائي ڇڏيو. تربت ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 27 ڪيچ 3 مند دشت ناگور جي اميدوار مير عبدالرئوف رند جي گهر جي پٺئين پاسي اڻڄاتل ماڻهن دستي بم اڇلايو. ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ نيشنل پارٽي جي اميدوار جي گهر ٻاهران دستي بم حملو ڪيو ويو، اميدوار ۽ سندس گهر ڀاتي محفوظ رهيا، پوليس موجب صوبائي تڪ پي بي 30 جي اميدوار رحمت صالح بلوچ جي گهر ٻاهران 2 دستي بم اڇلايا ويا، هٿياربندن فائرنگ به ڪئي. گهر ڀاتين جي جوابي فائرنگ بعد حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا، ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ اوڀر باءِ پاس وٽ ديسي ساخت جي بم ڌماڪي ۾ ٻن واٽهڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون، سڪيورٽي فوورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچنگ وارو عمل تيز ڪري ڇڏيو واضح رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان بلوچستان جا مختلف علائقا بدامني جي لپيٽ ۾ آهن، جتي اڻڄاتل ماڻهو چونڊن ۾ حصو وٺندڙن جي گهرن، اليڪشن آفيسن ۽ پوليس ٿاڻن سميت مختلف ملڪيتن تي حملا ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. تفصيل موجب صدر ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران سج لٿي کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻڌو ويو. پوليس موجب ڌماڪي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر اليڪشن ڪميشن آفيس جي ڀت کي نقصان پهتو. شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڌماڪيدار مادو اليڪشن ڪميشن جي عمارت ٻاهران شاپنگ بيگ ۾ رکيل هو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪري ورتا، جڏهن ته ڌماڪي جي نوعيت لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ جو دورو ڪرڻ بعد ايس ايس پي ڏکڻ ساجد سدوزئي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 500 گرام ديسي ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، ڌماڪو تخريبي عمل آهي جيڪو خوف پکيڙڻ لاءِ ڪيو ويو.