سپريم ڪورٽ طرفان مراد علي شاهه خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾گجرنالو، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي جو ڪيس کي اليڪشن کان هڪ ڏينهن  اڳ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقررڪئي وئي، 7فيبروري تي ڪراچي رجسٽري ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ڪراچي جي مئير ، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪراچي جي ڪمشنر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جو متاثرن کي معاوضو ۽ متبادل رهائش فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنل آهي، عدالت سنڌ حڪومت کي مختلف تجويزون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.