عمران جي ڀيڻ عليما خلاف رياست جي فرياد تي انڪوائري جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سمن نوٽيس جاري ڪندي رياست جي شڪايت تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڀيڻ عليما  خان خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي موجب عليما خان خلاف دهشتگردي، افراتفري ۽ خوف پکيڙڻ جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي هدايت ڪئي آهي ته عليما خان 3 فيبروري تي صبح 11 وڳي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر ۾ پيش ٿي وضاحت پيش ڪري. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهو سمجهيو ويندو ته عليما خان وٽ پنهنجي دفاع ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.