عمران ۽ بشريٰ بي بي خلاف نڪاح ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران ۽ بشريٰ بي بي خلاف نڪاح ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي پاران عدت دوران نڪاح جو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست اڪلائڻ لاءِ 16 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جعلي نڪاح جي الزام ۾ سمن جاري ڪرڻ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ناهي، جعلي نڪاح جي حد تائين جوابدارن ٽرائل ڪورٽ ۾ ميرٽ تي ڪيس وڙهيو. عدالت لکيو ته جعلي نڪاح جي الزام ۾ جاري ڪيل سمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.  دوکي سان شادي جو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ميرٽ تي وڙهيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.