دڙو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) دڙي ويجهو عوامي تحريڪ جي کاهوڙي اڳواڻ گل حسن عرف ماما عارب ڪيڙانو جي پهرين ورسي ملهائي وئي، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ سنڌياڻي جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، عوامي تحريڪ صدر لال جروار چيو ته گل حسن ڪيڙانو سياسي ڪارڪنن لاءِ اتساھ هو، هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي لاءِ جدوجهدن ۾ مکي ڪردار ادا ڪيو، عوامي تحريڪ طرفان ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪيل پيادل لانگ مارچن ۾ پنهنجي خاندان سميت پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو جدوجهد جي علامت هو، نگران حُڪومت کي اهڙو ڪو به اختيار ۽ مينڊيٽ ناهي ته هو ملڪ ۾ شامل تاريخي قومن جي وجود خلاف فيصلا ڪري، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري چولستان جي 6 لک کان وڌيڪ زمين آباد ڪري سنڌ کي رڻ پٽ ۾ تبدل ڪرڻ جو منصوبو هرگز قبول نه ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائي، عوام جي ووٽ کي اهميت ڏني وڃي، وڏيرو، سردار، جاگيردار ڪنهن به پارٽي ۾ هجي ان جو عمل هميشه کان عوام مخالف رهيو آهي، گذريل 76 سالن کان من پسند ماڻهن کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي جمهوريت سان سنگين مذاق آهي، سنڌ جي نگران صوبائي وزير خدا بخش مري هڪ دفعو ٻيهر ڪارونجهر جي نيلامي جو اعلان ڪيو آهي، ڪارونجهر خدا بخش مري جي ذاتي ملڪيت ناهي، خدا بخش مري ۽ نگران حڪومت آئين جي دائري ۾ رهي پنهنجا ڪم ڪن، ڪارونجهر سنڌ جي سڃاڻپ آهي، سنڌ جو عوام ڪارونجهر جي نيلامي خلاف پرامن جمهوري جدوجهد رکندو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حُور النساء پليجو چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڊي ايڇ اي بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٻين وڏين اسڪيمن جي حوالي ڪيون پيون وڃن، عبدالقادر رانٽو چيو ته ڪراچي جي قديم وسندين کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، ڪراچي مان مقامي سنڌي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ سنڌين خلاف سازش آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ ۾ عورتن سان بدترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اقتداري پارٽين جي منشور ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف قانونسازي جو ڪو نقطو شامل ناهي. سنڌ ۾ هر روز عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري ماريو پيو وڃي، عوامي تحريڪ طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف 3 فيبروري تي ٽنڊوباگو، نندو، شادي لارج، پنگريو، ملڪاڻي شريف ۽ کوسڪي، 4 فيبروري تي ڪڙيو گهنور، کورواهه ۽ گولاڙچي، 5 فيبروري تي نوشهروفيروز ۽ پڊعيدن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون.