اسلام آباد(م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ جي بندش جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. عام چونڊن بابت اهم اجلاس خميس تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيو، بعد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال کي ڊيل ڪيو پيو وڃي. هن 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون، ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي.