ڪراچي ۾ شهري کي قتل ڪندڙ 2 ڦورن کي شهرين تشدد ڪري ماري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ شهري کي قتل ڪندڙ ٻن ڦورن کي مڇريل هجوم تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي  تيجي ۾ ٻئي ڦورو مارجي ويا، سهراب ڳوٺ پوليس جي ايس ايڇ او گل بيگ ٻڌايو ته ٻن هٿياربندن مڇر ڪالوني جي ويجهو گنا منڊي ۾ دڪان جي ٻاهران ويٺل شهرين کان موبائيل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي، شهرين مزاحمت ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گل سعد نالي شهري قتل ٿي ويو ۽ عبدالصمد ۽ عبدالجبار زخمي ٿي پيا، جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهرين فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ شڪي جوابدارن جو پيڇو ڪري ان کي پڪڙي ورتو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو،  شهرين جي تشدد ۾ ٻنهي ڦورن موقعي تي ئي دم ڏنو، لاشن ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.