نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاھ شھر ۾ درزي جي دڪان تي ٻن دوستن محمد عثمان بروهي ۽ قاسم بروهي ۾ مذاق مذاق ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ دوست ڪينچيون هڻي ٻئي دوست کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي لاش کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن چيو ته پاڻ ۾ ٻئي دوست ھئا اڄ پاڻ ۾ ڪنھن ڳالهه تي مذاق ڪري رھيا ھئا ته مذاق ڪندي وڙھي پيا جنھن تي قاسم بروھي ڪينچين جا وار ڪري پنھنجي دوست عثمان بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آھي ته اسان جاچ ڪري رھيا آھيون قاتل کي ضرور سزا ڏني ويندي.