ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن جي حڪومت ٺهندي نظر اچي ٿي؟

 ساگر ميمڻ 

جيئن اليڪشن ٿيڻ جي بابت صورتحال غير يقيني ۽ مبهم ھئي ته مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ ۽ ٻيون پارٽيون پنهنجي اليڪشن جي تياري يا ورڪ ڪرڻ جي بجاءِ اليڪشن جي ملتوي ٿيڻ جو انتطار ڪندا رھيون، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن اليڪشن ڪجهه ڏينهن اڳتي ۽ پوئتي ٿئي ٿي ته ڪهڙو ڏوھه ٿي پوندو، مسلم ليگ نواز جو خيال ھو ته اليڪشن ملتوي ٿي وڃي ته اسان سياسي ماحول کي پنهنجي حق ۾ ڪري وٺون، پي ٽي آءِ جو خيال ھو ته معاملا ٺيڪ ڪرڻ کان اڳ اليڪشن نه ٿئي ته بهتر آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ ايم آر ڊي جهڙي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو، ۽ سڀني پارٽين  کان اڳ اليڪشن جي تياري مصروف ۾ ٿي وئي، اَيئن ٿي لڳو ته ڄڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي پڪ ھئي ته اليڪشن 8 فيبروريءَ تي ٿيندي، چوڻ جو مقصد ھيءُ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڇڏي ڪري باقي پارٽين جي نيت ۾ رولو ھو ته اليڪشن ملتوي ٿي وڃي، بهرحال جيئن اليڪشن جا ڏينهن اڳتي وڌندا ويا ته ليول پليئنگ فيلڊ جو مسئلو پيدا ٿي ويو، حالانڪه ٻين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ مليل ھئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي ليول پليئنگ فيلڊ ڪو نه ڏني وئي، ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ اليڪشن مهم ھلائڻ کان روڪجي، پر ھن وقت تائين اُھا سازش ناڪام ٿيندي نظر اچي پئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ھاڻي اُھا شڪايت ڪندي نظر نٿي اچي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آھي ته اسان اڄ به خوف جي ڇانو جي ھيٺ اليڪشن ورڪ ڪري رھيا آھن، آئون سمجهان ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، اليڪشن ڪميشن ۽ عدليا کي گهرجي ته ملڪ جي امن امان سميت ھر قسم جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ کپي، ته جيئن ڪنهن پارٽي ۽ عوام کي اُھا شڪايت ڪرڻ جو موقعو نه ملي، منهنجي خيال مطابق ته ھر پارٽي کي هڪجهڙي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ سان اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ کان بچائي سگهجي ٿو، تنهنڪري سموري پارٽين کي هڪجهڙي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي.

سوال ھيءُ آھي ته وفاقي توڙي صوبائي ايندڙ حڪومتون ڪنهن جون ٺهي رھيون آھن؟ آئون جڏھن ھن سوال کي غور ھيٺ آڻيان ٿو ته منهنجي ذھن تي ملڪ جي تجزيا نگارن ۽ تبصري نگارن جا ڪجهه رايا تري اچن ٿا، جيڪي ھن ريت آھن، چوندا آھن ته "جيترا وات اُوتريون ڳالهيون ” ھر ھڪ جو پنهنجو پنهنجو خيال آھي، ھڪڙن جو خيال آھي ته پاڪستان مسلم ليگ نواز جي وفاق توڙي صوبي پنجاب ۾ حڪومت ٺهندي نظر اچي ٿي، جڏھن ته ڪن جو خيال آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاق توڙي صوبي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي، ٽيان اَئين چون ٿا ته وفاق تي پي ڊي ايم ماڊل ٺهندي نظر اچي پيو، ھتي فيصل واڊا جي ھن ڳالهه کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، جنهن جي طوطي فال مسلم ليگ نواز جي بجاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪڍيو آھي، بهرحال! اڳ وڏڙا چوندا ھئا ته "ڪپار ڪپار مت” سو اھڙي طرح اُھا مت انهن جي آھي، پنهنجي ” مت” ھن ريت چوي ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ھن دفعي وفاقي حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، سوال آھي ته اُھو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟

آئون سمجهان ٿو ته اُھو ھن ريت ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي سميت سموري سنڌ مان جهجهي مقدار ۾ قومي جون سيٽون ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، بلوچستان مان چند حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏھن ته پ پ ھن دفعي پنجاب مان پهروڪي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، مون کي ايَئن لڳي ٿو ته راند وڃي آزاد اُميدوار تي بيهندي، جڏھن راند ” بال ۽ رنسن ” تي اچي پهچندي ته رنسون کٽي وينديون، چاڪاڻ ته آصف علي زرداري کي ھن ڳالهه جو چڱي ريت تجربو آهي ته راند ” بال ۽ رنس ” تي پهچي وڃي ته ڪيئن کيڏڻو آھي، ھُو بهتر نموني ڄاڻي ٿو، تنهنڪري مون کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهندي نظر اچي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.