لاڙڪاڻي جي تڪ پي ايس 12 جو جائزو

سڪندر چنو

پي ايس 12 لاڙڪاڻي جي تڪ تان هر ڀيري ڪاميابي ماڻيندڙ پي پي جو جيالو سهيل انور سيال پنهنجي تڪ ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا جن ۾ روڊ، صحت مرڪز، اسڪول، گهٽين ۾ سي سي بلاڪ، محلن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي جا منصوبا ۽ گئس جا منصوبا ۽ بيروزگار نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ کان علاوه زبون حال پوليس جي ٿاڻن جون بلڊنگيون ٺاهرائي ڏيڻ ۽ عوام جي داد رسي ڪري مايوس ٿيندڙ چهرن تي خوشيون آنديون، سهيل انور سيال جي خدمت جو جذبو ۽ حسن اخلاق سان ملڻ جلڻ ڏسي  تڪ پي ايس 12 جو عوام سندس جي لاءِ به انڙ برادران جيان مداح بڻيل آهي. جڏهن پ پ  جي جيالي پي ايس 12 جي اميدوار سهيل انور سيال پهريون ڀيرو اليڪشن وڙهي اڪثريت سان ميدان ماريو هيو ته اها راءِ عام ماڻهن جي ذهنن ۽ سوچن ۾ عام هئي ته عوام جا مسئلا ماضي جيان جيئن جو تيئن ئي هڪ هنڌ رهجي ويندا ۽ انهن فائلن مٿان ڪاري مٽيءَ جي دز چڙهي ويندي. پر سهيل انور سيال نه رڳو ان راءِ ۽ سوچ کي غلط ثابت ڪيو پر 2015 ۾ پي پي جي اقتدارن وارن ڏهاڪن کان وٺي پي ايس 12 ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. پر عوام جا مسئلا جن ۾ خاص طور تي روزگار جو ڪو اهم مسئلي کي بهتر نموني حل به ڪيا آهن.

 سهيل انور سيال 2018 ۾ عوام سان ڪيل واعدن ۽ اعلانن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ تڪ ۾ پاڻ ۽ سندس ڀاءُ پي پي تعلقي باقراڻي جو صدر طارق انور سيال عوام سان ويجهڙائپ وارو رشتو قائم ڪندي ماڻهن جي اهم مسئلن جن ۾ پيئڻ جو پاڻي، گئس، بجلي، روڊ رستا، اسڪول، صحت مرڪز ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي نگراني پنهنجي سر پاڻ ڪندا آيا آهن. اهوئي سبب آهي جو پي ايس 12 لاڙڪاڻي جو تڪ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان لاڙڪاڻي کان اڳڀرو آهي. سال 2018 جي عام چونڊن ۾ پي ايس 12 لاڙڪاڻو تان چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال 5 سالن جي حڪومتي عرصي دوران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي پنهنجي تڪ جي قسمت تبديل ڪري ڇڏي. روڊ ۽ رستن جو ڄار وڇائڻ سبب ٻهراڙي جي ڳوٺن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو شهرن سان رابطو بحال ٿي ويو آهي. شاخن ۽ ڪئنالن جي پڪي ٿيڻ سبب آبادگارن جي چهرن تي مرڪون آهن. لکين ماڻهن جي صحت جو خيال رکندي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان صحت مرڪز ۽ ڊسپينسريون تعمير ڪرايون. زرعي زمينن جي سڌاري لاءِ اسڪارپ ٽيوب ويل لڳرايا. ماضي ۾ سندس تڪ زندگي جي سمورين بنيادي سهولتن کان محروم هو.  ڪجهه سالن کان هتان جو عوام روزگار، بجلي، تعليم، صحت ۽ روڊ رستن سميت ٻين سهولتن کان وانجهيل رهيو. 2018 جي اليڪشن ۾ صوبائي تڪ پي ايس 12 لاڙڪاڻي تي عوامي طاقت ذريعي ڪاميابي حاصل ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوني ايم پي اي ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڪوششن سان 5 سالن جي محدود وقت ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن. سهيل انور سيال اليڪشن دوران ڪيل واعدن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندي مختلف ڳوٺن ۽ محلن ۾ بجلي ۽ گئس جون اسڪيمون منظور ڪرايون. تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ سولر جون اسڪيمون ڏنيون ويون. الله آباد، نائچ، اوٺا چونڪ، رشيد وڳڻ، فريد آباد، پراڻو آباد، علي جتوئي، پير شير، لاڙڪاڻو گلشن مدينه محلا، گلشن مصطفيٰ محلا، مينهل آباد، محمد بروهي، حيدر بروهي، هارون تونيو، ماهي ڀٽو، درگاهه مشوري شريف ۽ ٻين سوين ڳوٺن ۽ محلن ۾ اسٽريٽ لائيٽون ۽ اسڪيمون ڏنيون ويون.  رورل هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت ڪرائي وئي آهي. پي ايس 12 جي مختلف اسڪولن ۾ مرمتي ڪم ڪرايا ويا آهن. يوسي مهر ۾ ميٽرنٽي هوم جي اڏاوت ڪرائي وئي. پنهنجي تڪ ۾ کوڙ سارا پڪا روڊ رستا ٺهرائي ڏنا. ان سان گڏوگڏ ڳوٺن ۽ محلن ۾ پيور بلاڪ ۽ ڊرينيج اسڪيم مڪمل ڪيون ويون. ڪروڙين جي لاڳت سان واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪرائڻ جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سم نالن جي صفائي ڪرائي ويئي. ڳوٺن ۽ محلا لاءِ بجلي جا نوان ٽرانسفارمر لڳائي ڏنا ويا. هر سال مفت اکين جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن. مختلف پڪا روڊ جن ۾ فريد آباد مين روڊ کان وايا مڏ باهو 06 ڪلو ميٽر ٽو باقراڻي، پراڻو آباد ٽو هٽڙي غلام شاهه 15 ڪلو ميٽر، فريد آباد ٽو هارون تونيو 12 ڪلو ميٽر، هارون تونيو کان باقراڻي پل تائين 10 ڪلو ميٽر، هٽي کان درگاهه مشوري شريف 12 ڪلو ميٽر ۽ ٻيا ڪيترائي سوين ڪلو ميٽر پڪا روڊ ٺهرائي ڏنا ويا. جن سان پي ايس 12 جي علائقي ۾ زندگي بهتر نموني گذري رهي آهي. پي ايس 12 تي سهيل انور سيال جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ تڪ ۾ خوشحالي جو دؤر ڊوڙي پوندو ۽ ڳوٺن ۽ محلن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ترقياتي اسڪيمن جو ڄار وڇائي ان تسلسل کي جاري ۽ ساري رکيو ويندو جن ۾ بجلي، گئس ۽ ٻيون ترقياتي اسڪيمون شامل آهن جن ۾ روڊ رستا ڊرينيج اچي وڃن ٿا. ان ڪري پي ايس 12 جي عوام پڪو پهه ڪيو آهي ته علائقي کي ترقياتي ڏياريندڙ پي پي جو اميدوار جيالو سهيل انور سيال جو وڏي مارجن سان ڪامياب ڪرائي تير تي ٺپو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.