حيدرآباد (پ ر ) سنڌ هاري ڪاميٽي صدر ۽ پي ايس 64 جي اميدوار ثمرحيدر جتوئي جي اليڪشن ورڪ جاري آهي. ثمرحيدرجتوئي سيلاٽ پاڙي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ پيادل چونڊ مهم هلائي. ان موقعي تي ثمر حيدر جتوئي جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ حقيقي ماڻهن جي فتح ٿيندي، عوام اسان کي ڪامياب ڪندو، ڀرپور عوامي حمايت ملي رهي آهي اسان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ميدان تي آهيون، ڀرپور جدوجهد جاري رکنداسين ان موقعي تي نهال عباسي، فقي ولايت نوناري،ولي محمد برهماڻي سميت ٻيا پڻ گڏ هئا.