سنڌ مان هني مون ملهائڻ لاءِ ڪشمير ويل گهوٽ ريسٽ هائوس ۾ گئس ڀرجڻ سبب فوت

مظفر آباد (م ڊ) نيلم وادي ۾ ڪٽن واري هنڌ ريسٽ هائوس جي ڪمري ۾ مبينا طور گئس ڀرجڻ سبب سنڌ جي علائقي ٽنڊي الهيار سان واسطو رکندڙ گهوٽ زندگي جي  جنگ هارائي ويو، جڏهن ته زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪنوار کي مظفرآباد منتقل ڪيو ويو، نيلم پوليس موجب ٽنڊي الهيار سان واسطو رکندڙ احسن ۽ حانيه ڪٽن واري هنڌ هڪ ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئا، صبح دير تان ڪمري جو دل نه کلڻ تي عملي پوليس کي اطلاع ڏنو، گيسٽ هائوس جي عملي جي اطلاع تي پوليس در ڀڃي داخل ٿي ۽ هني مون لاءِ ايندڙ نئين جوڙي کي ريسڪيو ڪيو  گهوٽ احسن الياس مبينا طور ساهه منجهڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪنوار حانيه کي ڪمپائنڊ ملٽري اسپتال مظفرآباد ريفر ڪيو ويو، پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، احسن جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ نيو ويو آهي، رپورٽ اچڻ تي وڌيڪ خبر پوندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اعظم بستي ۾ غيرقانوني اڏاوتي فلور ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اعظم بستي ۾ بلڊر پاران غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت عمارت جي غيرقانوني اڏاوتي فلور کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عمارت مان بجلي، گئس ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته آپريشن دوران ايس بي سي اي عملدارن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

پي ٽي آءِ جي پرچم کنيل ٻار کي ڪيپٽن صفدر جي نِرڙ تي چُمي

ڪراچي (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر انتهائي شفقت جو مظاهرو ڪندي تحريڪ انصاف جو جهنڊو کنيل ٻار سان پيار ڪيو ۽ کيس نرڙ تي چُمي ڏني. ڪيپٽن (ر) صفدر جي ايڪس اڪائونٽ تان هڪ وڊيو  پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي سان گڏ ڪيپٽن صفدر پنڌ وڃي رهيو آهي. ڪيپٽن صفدر ٻار کي ڏسندي ئي ماڻهن کي هٽائيندي فوري طور وٽس پهچي ويو ۽ کيس ڀاڪر پائي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ کيس نرڙ تي چمي ڏني. ڪيپٽن صفدر وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو ته ”هي ٻار به ته اسان جا ئي آهن“. سوشل ميڊيا واهپيدار ڪيپٽن صفدر جي ان قدم کي ساراهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.