پرامن اليڪشن تي ڌيان ڏنو وڃي، ڏڦيڙ پيدا نه ڪيو وڃي: پيپلزپارٽي

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو آهي ته پرامن اليڪشن تي ڌيان ڏنو وڃي، ڏڦيڙ پيدا نه ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ باني سان جيڪو ٿي رهيو آهي،  اهو مڪافات عمل آهي، اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، اسان جو قبضو هتي ماڻهن جي دلين تي ٿيندو، سيڪيورٽي ادارن شهر ۾ امن لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پر امن اليڪشن جي اهتمام تي زور ڏيڻ گهرجي، ڪاوڙ ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي  وڃي، سينٽرل ضلعي ۾ جيڪا صورتحال جوڙي ان جي مذمت ڪريون ٿا، بلاول  هائوس ڪراچي ۾ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني، سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ۽  جاويد ناگوري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ٻڌايل سزا مڪافات عمل آهي، اهڙا فيصلا اسان جي پارٽي جي خلاف به آيا هئا، فيصلو ٻڌايئندڙ جج جي به پي ٽي آءِ باني گهڻي تعريف ڪندو هو، بشري بي بي کي داد ڏيندس، هوءِ پاڻ فيصلي کان پوءِ اڊيالا جيل پهتي، پي ٽي آءِ جو ڪوئي اڳواڻ نه پهتو، پي ٽي آءِ جا  وڪيل آئيني طور تي ڪيس هلائڻ بدران معاملن کي سياسي بنائي رهيا آهن، بلاول ڀٽو به چئي چڪو آهي ته پي ٽي آءِ کي اليڪشن جي اجازت ملڻ گهرجي، سعيد غني چيو ته ناصر شاهه شهر جي ڀلائي ۽ مفاد ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، ناظم آباد ۾ افسوس ناڪ واقعو ٿيو، سينٽرل ضلعي ۾ اسان جي پارٽي جا جهنڊا لاٿا پيا وڃن، 3 ورڪر اسان جا به زخمي ٿي آهن، اسان جي ايف آءِ آر ڇو نه پئي ڪٽي وڃي، هڪ ڌر جي ايف آءِ آر آهي ته ٻئي جي به ٿيڻ گهرجي،.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.