سنڌ ۾ 12 هزار 460 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ انتهائي حساس قرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي 19 هزار 236 مان 12 هزار 460 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيون،  سنڌ حڪومت 12 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏيندي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي هڪ رپورٽ موجب چونڊ واري ڏينهن 10 ضلعن ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو آهي، سانگهڙ ۽ خيرپور ۾ جي ڊي اي ۽ پ پ، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي ۾ تڪرار جو خدشو آهي، رپورٽ موجب صوبي ۾ ٻه هزار فوجي جوان ۽ 4 هزار رينجرز اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي وڏي انگ ۾ پوليس مقرر هوندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 22 ڪروڙ جاري ڪيا ويا، فورسز جي کاڌي لاءِ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر عملي لاءِ 21 ڪروڙ جاري ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.