ميرپورخاص (بيورورپورٽ) پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر آفتاب قريشي جي بنگلي ۾ سرڪاري ايراضي تي ڪيل حددخليون هٽائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سندس اِي ايف يو آفيس جي سامهون واري بنگلي ۾ حددخليون ڪيون ويون آهن جنهن کي ٽن ڏينهن اندر ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڪروچمنٽ قانون تحت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ٻيطرف انڪروچمنٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 45 ميرپورخاص تان پي ٽي جي آزاد اميدوار آفتاب قريشي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا جي سندس گھر ڊاهڻ واري جاري ڪيل نويس جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته مقامي انتظاميا پاران اسان سان مسلسل زيادتي ڪئي پئي وڃي اهڙين حرڪتن سان اسان اليڪشن کان فرار ٿيڻ وارن مان ناهيون، هن چيو ته سندس شادي هال، پمپ، آفيس سيل ڪرڻ بعد هاڻ گھر ڊاهڻ جو نوٽيس جاري ڪري اسان جي چونڊ مهم کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان انتظاميا جي هر غيرقانوني عمل جو مقابلو ڪنداسين.