ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه اربع جي شام جو بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ نه آهي، ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي ان جي عدالتي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ، اسان عمران خان ۽ نواز شريف وانگر اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪيون. پيپلزپارٽي ڪڏهن به ڪنهن اداري کي نشانو نه بنايو آهي، نواز شريف جيل ويندو آهي ته هو به عمران خان وانگر ادارن کي نشانو بنائيندو آهي ۽ عمران خان وٽ هاڻي به موقعو آهي ته هو ڪورٽن سان رابطو ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال سمجهي ٿو ته هي 90 واري ايم ڪيو ايم آهي ته اها سندس ڀل آهي عمران خان هڪ ارب 99 ڪروڙ جي سرڪاري خزاني کي ڌاڙو هنيو۽ مخالفن کي ڳولهي ڳولهي کڻايو هو .