پاڪستان تعليم ۾ نيپال، بنگلاديش ۽ گھانا کانپوءِ به پٺتي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي جي سمورن يونيورسٽين کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري  فنڊنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي پنهنجي انفراسٽرڪچر، فيڪلٽي جي معيار ۽ ريسرچ جي صلاحيتن کي وڌائي سگهن ٿيون. هن اها ڳالهه حبيب يونيورسٽي جي دوري دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي حبيب يونيورسٽي جي صدر واصف رضوي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) طارق وسيم غازي ۽ فيڪلٽي ميمبرن وڏي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ انهن گڏجي ڪيمپس جي ڪيترن ئي شعبن جو دورو ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڪيتريون ئي يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن جنهن کي بهترين تعليمي ادارا بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ يونيورسٽي قائم ڪرڻ ئي ڪافي ناهي پر ان کي سکيا جو مرڪز بڻائڻ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته هيءَ يونيورسٽي رڳو هڪ ادارو نه آهي پر اها بهترين فيڪلٽي ۽ مثالي تعليمي ماحول جو مڪمل پيڪيج آهي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي يونيورسٽي جي صدر واصف رضوي چيو ته پاڪستان اعليٰ تعليم ۾ نيپال، بنگلاديش ۽ گھاڻا کانپوءِ 119 هين نمبر تي آهي. انٽرميڊيئيٽ جي ٽوٽل انرولمينٽ مان فقط 12 سيڪڙو اعليٰ تعليم ۾ داخلا حاصل ڪري سگهيا آهن جيڪو ڳڻتي جوڳو ڪارڻ آهي ۽ ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي هن تجويز ڏني ته حڪومت کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي اعليٰ تعليم شروع ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان شعبي ۾ سيڙپڪاري کي يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.