مهانگائي گهٽجڻ جي اڳڪٿي، ڪڻڪ پوکائي هدف کان وڌيڪ

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزارت ملڪ ۾  مهانگائي ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنوري 2024 ۾ مهانگائي جي شرح 27.5 کان 28.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ مهانگائي 26.5 کان 27.5 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته مالي سال جي پهرئين اڌ ۾ معاشي استحڪام آيو، مالي سال جي ٻئي اڌ ۾ برآمدات ۽ ترسيل ۾ واڌ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪڻڪ جي پوکي هدف کان 1.8 سيڪڙو وڌي وئي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 32.1 ملين ٽن حاصل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.